خُودِي بابت
معنيٰ
پاڻ پِڻو، آپو، شخصيت، انانِيت. وڏائي، ڪِبرِيائِي. خود مختياري، خودسَري. خود پسندي، خودبيني. خود داري. غرور، هَٺُ. گهُمنڊ، اڀمان، ٽانءِ، ٽِنڊِ. احساس برتري.
Amness, selfego, self concionsness, self, the ‘I’.
بيتن ۽ وائين ۾
- بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ، خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ، ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ميڙِيو ڀاڻُ ڀَريُون ڪَري، جوڳِي جَلائِينِ، سامِي سِڱَڙِيَنِ سين، خُودِيءَ کي کانِئينِ، ھُوءِ جٖي تارَ نَہ تَڳائِينِ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪا پَٽَ ڪاپَڙِي، ڪَنَ جٖي ڪَٽائِينِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ماڳَ نَہ مَٽائِينِ، جٖي خُودِيءَ کي کائِينِ، تَڪِيا پَسُون…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي، جَنِ ڇَڏِيُون ڄاڻِي ڄٽائُون، خُودِي کانيائُون، ھَلو تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ويٺي جَنِ وَرِھَ ٿِئا، مَٿي ميري ساڻُ، ڪارَنِئُون ڪَڪا ٿِئا، ڄيري وِجِهي ڄاڻُ، خُودِيءَ کان خَلاصُ ٿِئا، پُٺِتي وِجِهي پاڻُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين، گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ، سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي…[ سُر مارئي - وايون ]