خالِقُ بابت
معنيٰ
پيدا ڪندڙ، ڪرتار، سرجڻھار، خلقڻھار، خلقيندڙ، پروردگار، خداتعاليٰ. الله تعاليٰ جي صفاتي نالن مان هڪ نالو.
Creator, manufacturer, founder
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقُ چَئُہ مَ اُنَ کي، مَ ڪِي چَئُہ مَعشُوقُ، خالِقُ چَئُہ خامَ تُون، مَ ڪِي چَئُہ مَخلُوقُ، سَلِجِ تَنھِن سُلوڪُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- اَڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرَ ٿو ڪَري، واحِدُ واٽَڙِيُنِ تي، خالِقُ کَنڊَ ڀَري، پيکارِئان پَري، شالَ مَ وَڃَنِ سُپِرِين.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جو، جَنِ نَہ ھِينئَڙي جارُ، خالِقُ رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرھِيندو تَنِ کي.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- سِرُ مَڱي سِرُ گهُري، سِرَ ري ٿِيي نَہ صَلاحَ، غَرِيبَنُون نَہ گُذَري، ماري مِيرَ مَلاحَ، نايو نَوابَن جو، سُوڙِھو ڪَڍي…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ دِلِ ۾ ديڳِ چاڙِه، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڦِڦِڙَ ڦوڙي ٻارِ، تَہ قادِرُ تُنھِنجِي ڪارِ، خالِقُ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]