حُسُنُ بابت
معنيٰ
چڱائي، ڀلائي، سٺائي، خوبي، عُمدگي. خوبصورتي، سھڻائي، ملوڪائي، جمال، سوڀيا، سونھن، جوڀَنُ، روُپ، سندرتا، دلرُبائي. نزاڪت، زينت، رونق، رنگ، سينگار.
Beauty, virtue, goodness
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين جَلَّ جَلالُهُ ، پاڻِهين جانِ جَمالُ، پاڻِهين صُورَتَ پِرِينءَ جِي، پاڻِهين حُسُنُ ڪَمالُ، پاڻِهين پِيرُ مُريدُ ٿِئي، پاڻِهين پاڻَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، وِئو سِينگارُ سَندوسِ، مُنھُن ڪُوماڻو مُنڌَ جو، روئِي رُوپُ وِئوسِ، کُنھِنبو بُتُ کامِي وِئو، حُسُنُ ڪُلُ ھَپِيوسِ،…[ سُر معذوري - نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ ]
- سَرَتِيُون سُتَڙِيُون، سارِيان پِيرُ پانِھنِجو، جاڳو اَکَڙيُون، لَلاڻِيءَ جي لوءَ ۾، سارِي راتِ سُيون، توبَهَ آھي تَنِ کان، ھَٿان جي…[ سُر رِپ - وايون ]
- عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو، حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئين خامُ، اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ھِتي اَچِي ھاڻِ. ڪِيئَن لَھَندِيَمِ ڪاڻِ، حُسُنُ مُون ھِتِ وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوٺِيين اَچِي ڪالَ، ڪِيئَن پَسَندِيَسِ پالَ، حُسُنُ مُون ھِتِ وِئو،[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ، ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ، اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]