جُڙي بابت
معنيٰ
ٺھي، راس ٿي، بحال ٿي، پچي مڪمل ٿي، ٺھي
May complete, restore, develop, create
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي مَٿي وَٽِ مِڙَنِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن سَڌَ ٿِئي، سِرَ ڏِني سَٽِ جُڙي، تَہ عاشِقَ اِيئَن اَچَنِ، لِڌا تي لَڀَنِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سِڪَڻُ ۽ سُورِي، ٻَئِي اکَرِ ھيڪَڙي، وِھَڻُ واٽڙِيُنِ تي، گَهارَڻُ ضَرُورِي، ٻِنِهي جِي پُورِي، جِيءَ ڏِني ري نَہ جُڙي.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- سيوا ڪَرِ سَمُنڊَ جِي، جِتِ جَرُ وَھي ٿو جالَ، سَئِين وَھَنِ سِيرَ ۾، ماڻِڪَ موتِي لالَ، جي ماسو جُڙيئِي مالَ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، بُڇايُون بُڇَنِ، جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- اَکِيُنِ پانھِنجي مَتِ، پاڻَ سين پاڻِهين ڪِي، اُتي وَڃِي اَڙِيُون، جِتي جانِ کَپَتِ، نَہ ڪا ڳالِهہ نَہ ڳَتِ، جِيءَ ڏِني…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]