جُسي بابت
معنيٰ
بَدنَ، تَنَ، لڱن، جسمَ.
Body, outer organs of body.
بيتن ۽ وائين ۾
- جُسي ۾ جَبارَ جو، خَفِي خِيمو کوڙ، جَلِي تُون زَبانَ سين، چارَئِي پَھَرَ چورِ، فِڪرَ سين فُرقانَ ۾، اِسمُ اعظمُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- عِشقُ نَہ آھي راندِ، جِيئَن ڪِي ڪَنِس ڳَڀَرُو، جِيءَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃي ٿو ھيڪاندِ، سِسِي نيزي پاندِ، اُڇَلِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- جانۡ جانۡ ناھِ ضَرُورُ، تانۡ تانۡ ناھِ طَبِيبُ ڪو، جُسي سَرِئو سُورُ، تَہ ڪَرَ ويڄُ وَرِ پِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- اوڙاھِ وِئا نَہ وَرِئا، آئُون تَنھِن مارِي ويڻَ، ڪَري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- چارَڻَ ٻولِجِ ڪِي ٻِئو، گهُرِيُئِي سو گهورِيان، گهَرُ سورَٺِ نَہ پَڙي، جان تَندُ بَرابَرِ تورِيان، ڳُجِهي آھِمِ ڳالِهڙِي، آءُ اوري…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جُسي سَنڌو جَو ڪَري سو مُون نَہ گُهرِجي ماھُ، سامِي مُنھِنجو ساھُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- اُجِهئو تَنِ نَہ ٻُجِهئو، ويٺي گَڏِيُنِ وِيرُ، لَٿو تَنِ لَطِيفُ چئَي، جُسي جو زَنجِيرُ، ڪِينَ ڏِٺو ڪاپَڙيين، ڪابُلُ ۽ ڪَشمِيرُ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- پارو پَوارا ڪَري، لَڳي اُتَرَ مُٺِ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ڪَنِ جُسي سين جُٺِ، پَوَنِ ڏِينِ نَہ پُٺِ، مَڇُڻ پوئينِ وِتُ…[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اَسُورَ سَندو آسِرو، وِڳَندَ کي وَڏو، جُسي ۾ جَڏو، کِئَڻَ تي کُڙا کَڻي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- تَنِ نيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سيڻَ سانڀيٽِئا، جِيءَ جُسي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِيو.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- جَڏھِن ڪُن فَيَڪُون ، مَنُ تَڏاھانڪُون مارُونئين، تُون ڪِيئَن وِجهين تَنِ کي، سُومَرا شَڪُون، حَمِيرَنِ ھَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِيون.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]