تِڪَ بابت
معنيٰ
ڳِيتَ. يڪدم ڳِيھڻ جي حالت. يڪساهي پيڻ جو نمونو. وڏو ڍُڪ، ٻُٽُ. ٽُڪر، ڳَڀو، ڳَترو.
A gulp in swallowing.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙين ڪاٽي، لاھي رَکُ لَطِيفُ چئَي، مَٿو وَٽِ ماٽي، تِڪَ ڏيئِي پِڪَ پِيءُ، گهوٽَ…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- جِئان ڪوڙِ ٻَہ ڪاٺِيُون، پَنجين لَکين پِڪَ، تِئان ڏيئِي تِڪَ، مَيو مَتارو ٿِئو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ ھَٿَ وِجَهنِ، پَسو لَڄَ لَطِيفُ چئَي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ، جيڪِي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، نَہ تَہ ساڻُنِ…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا سَيِّدَ شيرَ، سِجُ اُلَهِي سانجِهي ٿِي، مُنھَن اُونداھِيءَ ميرَ، ھَڻَنِ ھاتِڪَنِ کي، پانَوَ ڀَري پيرَ، ماري…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- جَي سِجهائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، پِيتائِين پُنُوھَ کي، ھَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَسُئِي سَڄِيائِي سِڪَ، تَہ پُڻ سِڪي سِڪَ کي، سَڄُئِي پيتائِين پُنُوھَ کي، ھَئَي نَہ ڀَڳِيَسِ ھِڪَ، اِنَ تَڙَ مَنجهان تِڪَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- پَسَندي پُرِ ٿِئا، جَکِرو جاجِڪَ، تِئان ڏِنِي مَڱَڻين، طَھُورا جِي تِڪَ، سَمي ڀَڳِيَنِ سِڪَ، وَصُلُ ٿِئا وِصالَ سين.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- جهُڙ ڦُڙِ مَٿي مارُئين، جِتِ چِيھان چِڪَ، اَندَرُ ٿو اُڃَ مَري، ساھُ اُنِين جِيءَ سِڪَ، پِيان شالَ پَھِيُون ڀَري، تِئان…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]