تِرَ بابت
معنيٰ
تيلي ٻج جو داڻو جو اڇو يا بعضي ڪارو ٿئي. تيلي ٻج جو ٻوٽو.
The seed of the sesame, or name of the plant.
بيتن ۽ وائين ۾
- تارا تِرَ تِروڪَڙِيُون، مَٿِنِ ڦُلَڙِيُون، کُوءِ سي راتِڙِيُون، جي مان پييُون پِرِينءَ ري.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- تِرَ تارا وَڻَ وارَ، مِينھَن ڦُڙا وارِيءَ ڪَڻا، تِھائِين اَڳِرا، مُون ۾ عَيبَ اَپارَ، پائي آيَس پاندَ ۾، بَدِيُون بيشُمارَ،…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- جوڙي جُنگَ جِھازَکي، ڀورا تُون بَناءِ، اَٺيتالِيھَہ عِشقَ جُون، واڳُون وِيرَ وَٽاءِ، پَنجَ پَڳَھَ ٽِيھَہ اولا، سَتِرَھَن سِڙَه سِباءِ، سَمُنڊَ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- جَڏَھانڪَرَ ٿَئامِ، ساڃَھِ سُپَيرِيَن سين، تَڏَھانڪُون تِرَ جيتِرو، ويلَ نَہ وِسرِئامِ، اَندَرِ رُوحَ رَھِئامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪَري.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتِرَ اُنِ سِينگارِئا، ٽَلِيُون ٽَونئُرَ حَلَوِيُون، وِئا ڇيرِيُون ڇَمڪائي، ڇَڙِھِئا لَڪَ لَطِيفُ چئَي، وِئا ڪَرَھَلَ ڪُڏائي، ٻانڀَڻِ کي…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- وِڳَندُ وَري آئِيو، بَدُو بي نِمازُ، جِيئَن تِتِرَ مَٿي بازُ، وِڳَندُ تِيئَن خُوشِبُوءِ تي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو، تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ، ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- جَنِي لاءِ ٿِياسِ، لِنگَڙِيائي لُوءَ ۾، تَنِي تان تِرَ جيتَرو، پَلَڪُ نَہ پُڇِياسِ، جَهروڪَنِ جهورِئو ھِنيُون، ڪوٺِنِ آئُون ڪُٺِياسِ، مارُنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]