تَيارُ بابت
معنيٰ
سنڀريل (سفر تي هلڻ يا ڪٿي وڃڻ لاءِ) حاضر، موجود، پورو، مڪمل، آمادہ، مائل، حڪم جو منتظر.
Ready, prepared, finished, completed.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِينِهي طالِبَ تاتِ جا، آھي تاتِ تَيارُ، ڏورِيان پِئو ڏُڪارُ، گهورِيندَڙَ کَڻِي وِئا.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- شادِيءَ جو سِينگارُ، آيَلِ آيَلِ مَرَڪُ مُنھِنجو مُون پِرِين، آھي ڳَھُ ڳِچِيءَ ۾، ڏي ھالُورا ھارُ، آھي اُگهاڙَنِ کي، جانِبَ…[ سُر حسيني - وايون ]
- ڪالَهہ قَرِيَنِ لَڏِئو، تان تُون ٿِيءُ تَيارُ، ڪُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ ، سَچو اِي قَرارُ، پِرِين تُنھِنجو پارُ، مُون نِماڻِيءَ…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- ڪَتي مَٽي آيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ، اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏانھَن پِرِينءَ پارُ، ڪاپائِتِيءَ قَرارُ، مَنجهان پورِھئي پِرايو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]