تَرارِ بابت
معنيٰ
تلوار، هڪ مشھور لوھو هٿيار، شمشير، سيف، سرواهي.
A sword, sabre.

بيتن ۽ وائين ۾
- تارا تَرارِيُون، نيزا نيڻَ پِرِيَنِ جا، ھَڻَنِ مُنھَن پارِيُون، سانگو ڪَنِ نَہ ساھَ جو.[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- سُورِھَہ مَرين سوڀَ کي دِلِ جا وَھمَ وِسارِ، ھَڻُ ڀالا پَئُہ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ، مَ ٿيڪِ تَرارِ، مارِ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙِيائُون، جهيڙو يَزِيدَ سامُهُون، جُنبِي جوڙِيائُون، مُنھُن نَہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- چارِ تَرارِيُون چيلِهہ تي، ٻَڌي ٻَہ پاڳُون، اَڳِيَنِ جُون آڳُون ڪَونئُرَ ڪِلي ۾ موکيُون.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- آيا اُجارِينِ، تَنگَ تَرارِيين تِئُرا، ساڻِڪِيُون سائُنِ ھَٿَ ۾، ڪُلَهِنِئُون نَہ لاھِينِ، اُڀائِي آھِينِ، مَهائِي مَڙَڻ تي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پاڪَ جَنِي جا پيرَ، کَٽان ھيٺِ نَہ ھيرُئان، ٿَنڇَ تَرارِيُنِ تِڇِئا، ڇَڻِئو پُونِ ڇُڳيرَ، ڌَڙَ تَنِي جا ڍيرَ، ڳِجَهڙِيُنِ ڳَرِ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ذالَئُون ذِڪِرُ رَبَ جو، ويلَ نَہ وِسارينِ، سَناسِي سُبحانَ کي، سَدائِين سارِينِ، تَسبِيحَ جي تَرارِ سين، مُلحِدَ کي مارِينِ، جَزَآؤُهُمْ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- بَندِي ٻِئا قَراَرِ، اَسِين لوچُون لوھَ ۾، مَٿي تَنَ تَرارِ، سَدا سانبِيَڙَنِ جِي.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]