تَحقِيقَ بابت
معنيٰ
خاطري ڪرڻ، ثابت ڪرڻ، سرڪاري طور جانچ ڪرڻ، اصليت معلوم ڪرڻ جي حالت ڪنهن واقعي يا شيءَ جي. دريافت، جانچ، ڳولا. يقين. پَڪ.
Research, finding the truth, discover
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- سُڃَ وَسَندِي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي، طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نِينھُن تَنِي وَٽِ ني، ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان…[ سُر ڪوھياري - پڇتاءَ ۽ انومان ]
- تَحقِيقَ جِي ڀَرِي، مَٿي ريءَ کَڻيجِ، ٻانھُون ٻيئِي لاھي ڏيئِي، ڪُشتِي ڪَمائيجِ، سَنڌِنِئُون ساري ٽَنگُنِؤَن ٽاري، ڄَنگهُنِ ريءَ ڄُليجِ، جا…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- مُونا جَنِ مِحرابُ، جُسو جامِعُ تَنِ جو، قِبلي نُما قَلبُ ڪَري، تَنَ کي ڪِئائُون طَوافُ، تَحقِيقَ جِي تَڪبِيرِ چَئِي، جِسمان…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]