تانگهَہ بابت
معنيٰ
سِڪَ، اُڪير، اُڪنڊ. ڇِڪَ، ڪَشش، ڪاڍو.
Need, want, care for. A needful manner or business. Plumbing, sounding.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُنَ تنيدو آءُ، مَکِ ڏِھاڙِي مَڪُڙِي، سانباھِي سَمُنڊَ جِي، مَلاحَ مُورِ مَ لاھِ، اَڄُ ڪِ سَنجَهہ سَندِياءِ، اُھُرَندِي اَتانگهَہ تَڙِ.[ سُر سريراڳ - املهہ وکر ]
- گهاتُو گهڻيئِي ھُئا، مَٿي ھِنَ مَھِراڻَ، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، سَندِي سِيرَ سِٽاڻَ، لاڄُو ڇِنا لَھِرِيين ڀَڳا سِڙَه سُکان، ڪُنَنِ…[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- تَنَ جَنِي جِي تانگهَہ، سي سَڄَڻَ سَفَر ھَلِئا، لَئِجِ لاتِ لَطِيفُ چئَي، ڪَڏِھِين اِيندَمِ ڪانگَ، ڪَنھِن سَٽاڻي سانگَ، پِرِين ڏيھِي…[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- جِتي ڀيرَ ڀِرَنِ، ڀَرِيُون پَوَنِ ڀَواريُون، تانگهَہ نَہ لَڌِي تارُئين، مَپُ نَہ ماٽِيَڙَنِ، ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاھِيا سَنڪَنِ، تُون ڪِيئَن…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- مَدَتَ ٿِيءُ ميھارَ يارَ، ساھَڙَ سائِرَ سِيرَ ۾، اُونها ڪُنَ اَتانگهَہ تَڙَ، اولِي ھَڻُ آڌارَ، ڏِينھَن ڏُھلا ڏَمَ سين، آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪِھَڙي آندين سانگَ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾، اوٺِيَنِ اُٺَ پَلاڻِئا، تاڻي ٻَڌائُون تانگَ، جِيءَ جَڙَھُيَمِ جَنِ سين، سي پِرِين ٿِئا پاَسانگَ،…[ سُر ديسي - وايون ]
- جُنگَ نِھاري جَوھَرِي، دانا دوسِتَ ڪِجَنِ، ھِھَڙِيءَ ھُھَڙِيءَ لَھَرِ نَہ لُڏِڻا، ڌَرتِيءَ جِيئَن نَہ ڌُٻَنِ، اُونِهي ڪُنَ عَمِيقَ جِيئَن، تانگهَہ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]