تارُو بابت
معنيٰ
تيراڪ. جيڪو پاڻيءَ ۾ تري سگهي. تري ڄاڻندڙ.
A swimmer.
بيتن ۽ وائين ۾
- تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واھُڙا، ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾، ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ، طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ، گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ، ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا، سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا، جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]