تارُو جي سنڌي معنيٰ
تيراڪ. جيڪو پاڻيءَ ۾ تري سگهي. تري ڄاڻندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A swimmer.
تارُو جا بيتن ۾ حوالا
تارُو تَرِيو وَڃَنِ، نَنڍا وَڏا واھُڙا،
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
ھَئَي ٻَرِ اَتارُنِ، ڳَرا مَٿِنِ مولِهيا.
[ سُر سريراڳ، توڪل، جاڳ سجاڳ، 2 ]
دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾،
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 6 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھَڪَلَ،
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
گهَڙو گهَڙيان اَڳِرو، وِجهي وِيرِ ٻَھَلَ،
ھِنَ تَڙِ تارُو ڪيتِرا، ڪَنبايا ڪَرِڳَلَ،
تارِ لَنَگهايو تَوَڪَلَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 5 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَهرِيُون ڪَنِ لوڙا،
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]
سَوين اَچِئو سِيرَ ۾، ٿِيَنِ سِيڻاھِيَلَ سوڙِھا،
جٖي تارُو ھُئا توڙا، تَنِ ھُرڀُ ڀانيو ھيڪِڙو.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 14 ]
English Meaning
A swimmer.