تارو جي سنڌي معنيٰ
چمڪندڙ آسماني جسم جو عموما رات جو ڏسبو آهي ۽ ٽمڪندو رهندو آهي. هي جسم خود روشن آهي. بعضي ڏينهن جو به ڪو تارو نطر اچي ويندو آهي، سِتارو، نَجم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A star.
تارو جا بيتن ۾ حوالا
پِرھَ ڦُٽِي راتِ ڳَئِي، اُڀَرِئو تارو،
پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 13 ]
پُنهون پاڳارو، ڄاپَندي ڄامُ ٿِئو.
[ سُر ڏھر، رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي، 13 ]
اُڀِرئِو تارو، اُٿِي وَرَ وِھاڳُ ڏي،
سَٻَڙُ رِيسارو، چِتَ پَرَکي، مڱڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 31 ]
سَٻَڙُ رِيسارو، چِتَ پَرَکي، مڱڻين.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 31 ]
ھيڏِيءَ ويرَ ڪِئا، ڪِينجُهرَ ۾ باھِہ ٻَري،
نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ،
نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،
لَٿو پاندُ مُهان، مي چَڙَھَندي مَڪُڙي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 26 ]
نَڪو تارو اُڀَ ۾، نَڪو چَنڊَ اُھاءُ،
نَڪو وَرَنُ وِڄُ جو، نَڪو شَمسَ شُعاعُ،
لَٿو پاندُ مُهان، مي چَڙَھَندي مَڪُڙي.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 26 ]
English Meaning
A star.