بَھِيرَ بابت
معنيٰ
قافلو، قطار، ساٿ. ماڻهن جو ٽولو.
Caravan, crowd, queue.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَٿِيَنِ سَنبَتِ پَنڌَ جِي، تُون ويسَلو ويرَ، جوڙي جُنگَ جَھازَ کي، ڪوڏِ ھَڻائج ڪِيرَ، وَھي وَڻِجارَنِ جِي، بَندَرَ ڏانھَن بَھِيرَ،…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- آتَڻَ ۾ سَڀَ ويھِي، دُعا ڪَريجا جيڏِيُون، ڪانِهي بَسِ بَھِيرَ کي، ھَلُ چَلُ وَڃي پيئِي، راھَ مُسافِرُ سَڀَڪو، ڪو نَہ…[ سُر سھڻي - وايون ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ، ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ، سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- صُبوحَ سِڱَڙِيُون کَڻِي، وِئا وَڄائي وِيرَ، ڏورِيان ڏورِيان نَہ لَھان، تَنِ بيراڳِيَنِ بَھِيرَ، جَنِ جي آسَڻَ مَنجِهہ عَنبِيرَ، آئُون نَہ…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]