اُگهاڙِي بابت
معنيٰ
بنا ڪپڙن جي، اَڻ ڍَڪيل. نَنگي، عُريان. بيحيا بدافعال، بد چال.
Naked, drawn a sword, void of shame, indecent.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏُکِيءَ ڏَمَرُ ناھِ، بُکِيءَ کِلَ نَہ اُڄَھي، اُگهاڙِيءَ وِھانءُ، وِئو وِروھَڻُ وِسِرِي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- ھُوءَ جا گهورِي گهوٽَ جِي، تَنھِن کي چَرِي چُوَنِ، اُگهاڙِيُون آتَڻَ ۾، ھوتَ پُڄاڻا ھُونِ، پَرا تَنِي پُونِ، ڏِٺو جَنِ…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي اَتِ، پاري پَنھِنجي پَتِ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي اَڳَ، جوڙي وِچان جَڳَ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ، پَنھِنجو رَکِي نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سَتُرُ ڪِجِ سَتارَ، آئُون اُگهاڙِي آھِيان، ڍِڪِين ڍِڪَڻھارَ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]