اُڪِيرَ بابت
معنيٰ
دِل جي ڇِڪَ، سِڪَ، حُب، چاه، پيار، قُرب، اُڪنڊ. شوق، سَڌَ.
Longing, deep rememberings of love. Nostalgia
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ، ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا، نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ، ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو، راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن، ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو…[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- مَڻيا جَنِ مَٿَنِ ۾، تَنِ تاڪي ھَنيَسِ تيرَ، گهايائُون گُجَرِ کي مَرَڪِي اُڀِيا مِيرَ، مُومَلَ گهَڻِيءَ اُڪِيرَ، پاڻان پُڇي تَنِ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- چووِيھِينءَ چَلَڻَ جِي، ويراڳِيَنِ وائِي، ھَولُ ڪَري ھَلِئا، سَناسِي سائِين، آديسِيَنِ اُڪِيرَ سين، لالَ پِريان لائِي، سامِي سَوائِي، لِڪا ڀُوڻَنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ، گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ، تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙو لِيڙَ، واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ، مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اَرَمَ ھَڏِ نَہ اوڍِيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ، ٻانڌُڻائِي ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ، مارُوءَ سين ماڻِيان، کَٿِي جِھَڙِي کِيرَ، اَندَرِ…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]