اُڪِيرَ جي سنڌي معنيٰ
دِل جي ڇِڪَ، سِڪَ، حُب، چاه، پيار، قُرب، اُڪنڊ. شوق، سَڌَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Longing, deep rememberings of love. Nostalgia
اُڪِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
لَڳي اُتَرَ ھِيرَ، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِيا،
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
ھِينئَڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاري کيڙائُنِ جِي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 4 ]
ڪو جو وَٺُسِ مِينھُن، آرِيءَ جي اُڪِيرَ جو،
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
راتِيان رَوئَي رَتَ ڦُڙا سُکِ نَہ سارو ڏِينھُن،
ٻاروچاڻُو نِينھُن، مُٺِيءَ ماٺو نَہ ٿِئي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 19 ]
مَڻيا جَنِ مَٿَنِ ۾، تَنِ تاڪي ھَنيَسِ تيرَ،
گهايائُون گُجَرِ کي مَرَڪِي اُڀِيا مِيرَ،
مُومَلَ گهَڻِيءَ اُڪِيرَ، پاڻان پُڇي تَنِ کي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 22 ]
گهايائُون گُجَرِ کي مَرَڪِي اُڀِيا مِيرَ،
مُومَلَ گهَڻِيءَ اُڪِيرَ، پاڻان پُڇي تَنِ کي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 22 ]
چووِيھِينءَ چَلَڻَ جِي، ويراڳِيَنِ وائِي،
ھَولُ ڪَري ھَلِئا، سَناسِي سائِين،
آديسِيَنِ اُڪِيرَ سين، لالَ پِريان لائِي،
سامِي سَوائِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 24 ]
ھَولُ ڪَري ھَلِئا، سَناسِي سائِين،
آديسِيَنِ اُڪِيرَ سين، لالَ پِريان لائِي،
سامِي سَوائِي، لِڪا ڀُوڻَنِ لوڪَ ۾.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 24 ]
ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ،
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
گَهٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ،
تَڏِھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين رَڇَ ۾.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 23 ]
سَھِسين سيبا ڪَنجِري، لوئِي لِيڙو لِيڙَ،
واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ،
مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،
ھِھَڙو حالُ حَمِيرَ، وَٺِي شالَ ويڙِھ وَڃان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 17 ]
واسي وارَ ويڙھِيان، وَرُ چاپِئا رَھَنِ چيڙَ،
مارُوءَ جِي مُھاڙِي، ٻِي اَندَرِ ناھِ اُڪِيرَ،
ھِھَڙو حالُ حَمِيرَ، وَٺِي شالَ ويڙِھ وَڃان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 17 ]
اَرَمَ ھَڏِ نَہ اوڍِيان، پَٽولا پَٽَ چِيرَ،
ٻانڌُڻائِي ٻَنِ ڏِيان، اَرغَچَ ۽ عَبِيرَ،
مارُوءَ سين ماڻِيان، کَٿِي جِھَڙِي کِيرَ،
اَندَرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مُون کي پِرِينءَ پَنوَھارَ جِي.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 2 ]