اُڪَنڊَ بابت
معنيٰ
انتظار، اوسيئڙو. سِڪ، اُڪير.
waiting, expecting with impatience, awaiting with anxiety, looking out (for), watching (for)۔
بيتن ۽ وائين ۾
- پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي سِڙَه ويندا گَڏِئا، اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ، ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ، لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ، تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- نَہ ڍورِيءَ نَہ نَنڍَ، سائِرَ ٻوڙِي سُهڻِي، اَکِيُنِ ۾ اُڪَنڊَ، مُئِيءَ کي ميھارَ جِي.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، اِيءَ نَہ اُڪَنڊَ آھَ، سي لاڳاپا ئِي لاھِ، اورِيان اُڀِيارِينِ جي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- نُونَئُون نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي، اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي، سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي، لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ، وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ، سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ، وَٱللَّهُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- صائِمُ سِڪي جِيئَن، اَذانَ جي آوازَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، اُڪَنڊَ اَباڻَنِ جِي.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]