اُڪَنڊَ جي سنڌي معنيٰ
انتظار، اوسيئڙو. سِڪ، اُڪير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
waiting, expecting with impatience, awaiting with anxiety, looking out (for), watching (for)۔
اُڪَنڊَ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي سِڙَه ويندا گَڏِئا،
اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 14 ]
اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 14 ]
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، ريءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]
ڀيلو ڀيري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 34 ]
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ،
لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ،
تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 36 ]
لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ،
تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 36 ]
نَہ ڍورِيءَ نَہ نَنڍَ، سائِرَ ٻوڙِي سُهڻِي،
اَکِيُنِ ۾ اُڪَنڊَ، مُئِيءَ کي ميھارَ جِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 16 ]
اَکِيُنِ ۾ اُڪَنڊَ، مُئِيءَ کي ميھارَ جِي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 16 ]
وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، اِيءَ نَہ اُڪَنڊَ آھَ،
سي لاڳاپا ئِي لاھِ، اورِيان اُڀِيارِينِ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 11 ]
سي لاڳاپا ئِي لاھِ، اورِيان اُڀِيارِينِ جي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 11 ]
نُونَئُون نانِيءَ ھَلِئا، سامِي سَڀَيئِي،
اُڪَنڊَ ۾ آديسَ جِي، وِھَڪَ تَنِ ويئِي،
سَناسِي سِڪَ ۾، اوتِينِ ارتوئِي،
لَاْ تَتَحرَڪُ ذَرَةُ اِلَّا بِاذِنِ اللهِ ، وسرِيَنِ ٻِي وائِي،
راوَلَ رِيجهائِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 25 ]

واوَئُون وَرَقُ وِصالَ جو، ويراڳِي وارِينِ،
وَرِيُنِ واءُ وِصالَ جو، اُڪَنڊَ ۾ آھِينِ،
سَناسِي سَيِّدُ چئَي، لوڪَ نَہ لَکائِينِ،
وَٱللَّهُ غَالِبٌ عَلَىٰ أَمۡرِہ ، پَرِ چَڱِي پارِينِ،
لاھُوتِي لَڏِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 26 ]

صائِمُ سِڪي جِيئَن، اَذانَ جي آوازَ کي،
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، اُڪَنڊَ اَباڻَنِ جِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 15 ]
مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، اُڪَنڊَ اَباڻَنِ جِي.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 15 ]
English Meaning
waiting, expecting with impatience, awaiting with anxiety, looking out (for), watching (for)۔