اُڪَنڊِي جي سنڌي معنيٰ
سڪايل، اوسيڙيل، منتظر، واجهائيندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who longing, in wait, one who waits.
اُڪَنڊِي جا بيتن ۾ حوالا
سامُونڊِي ساري، ماءَ مُنھِنجو جِندَڙو،
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
ڪارَڻِ وَڻِجاري، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 21 ]
تَڙَ نِھارِئان تي مُنھِنجا بَندَرِ وِئَڙا جٖي،
مانَ سِڙَه سُڃاڻان سَڄَڻين،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، پِرِينءَ پَنھِنجي کي،
کَٿُورِي سَمُنڊَ کي، اَکا ڏِيان آڻي،
اُڀِي اوسَھَ پايان، ڪارَڻِ وَڻِجاري،
آسائِتي آھِيان، اللهَ ڪانڌُ اَچي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 2 ]

لَڪَ لَنگهِيائُون، وَڃِي ڏيرَ قَرارِئا ڏيھَ ۾،
تَنِ پِرِيَنِ کي اُڪَنڊِي آئُون، وَڃِي ڏِيرَ قَرارِئا ڏيھَ ۾،
چَڙِھِي ڏُونگَرَ چوٽِيين ٻانڀڻِ اُڇَلي ٻاھُون،
پاسي ھُيَسِ پَريَٽِ جي، ڏوٻِڻِ ڌِيءَ نَہ آئُون.
[ سُر ديسي، وايون، 8 ]
تَنِ پِرِيَنِ کي اُڪَنڊِي آئُون، وَڃِي ڏِيرَ قَرارِئا ڏيھَ ۾،
چَڙِھِي ڏُونگَرَ چوٽِيين ٻانڀڻِ اُڇَلي ٻاھُون،
پاسي ھُيَسِ پَريَٽِ جي، ڏوٻِڻِ ڌِيءَ نَہ آئُون.
[ سُر ديسي، وايون، 8 ]
مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي،
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رءَ لُهارَ،
لَڳِي آھي نَہ لَھي سَندِي پِيَ پَچارَ،
کُوءِ سي جِيئَڻَ ڏِينھَڙا، جي نِي پِرِينَئُون ڌارَ،
ڪانگَنِ قَطارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، سَنجهي ٿِئَڙا سُوارَ،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،
جيڪي اورَڻُ پِرِينءَ سين، جيڪي پِرِينءَ پَچارَ،
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيُون ساڻُ قَطارَ،
آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ.
[ سُر ديسي، وايون، 10 ]

پَھِي سُکَ پيرين کيھَ، ڪو نِينھَن نِياپو مارُوئين،
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ،
سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 1 ]
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ ڏيھَ،
سَندِي جا ساڻيھَ، کِھَ کَٿُورِي ڀانيان.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 1 ]
ويٺو واجهَہ وِجهي ھِنيُون، پَرِ ۾ پَنوَھارَنِ،
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، پائُرِ ۽ پِرِيَنِ،
ٻِي نَہ ڪَندِيَسِ ڪَنِ، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 3 ]
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، پائُرِ ۽ پِرِيَنِ،
ٻِي نَہ ڪَندِيَسِ ڪَنِ، ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 3 ]
جِنِ ڪَرايُنِ ڪَچَ جا، وَرُ ساھيڙِيُون سي،
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، مَنَھِن مارُوءَ جي،
پَکَنِ سين نَہ پاڙِيان، ھَنڌَ ھِتي جا ھي،
اَھلَ اَباڻَنِ جي، مَرِي شالَ مَلهايان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 9 ]
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، مَنَھِن مارُوءَ جي،
پَکَنِ سين نَہ پاڙِيان، ھَنڌَ ھِتي جا ھي،
اَھلَ اَباڻَنِ جي، مَرِي شالَ مَلهايان.
[ سُر مارئي، آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا، 9 ]
تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، اُڪَنڊِي آئُون،
ماڻِيان هُوندَ مَلِيرَ ۾، سَرَتِيُنِ سين سائُون،
اَڀاڳِي آئُون، ويٺِي جِهڄان جَهلَ ۾.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 4 ]
ماڻِيان هُوندَ مَلِيرَ ۾، سَرَتِيُنِ سين سائُون،
اَڀاڳِي آئُون، ويٺِي جِهڄان جَهلَ ۾.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 4 ]
اَتِ اُڪَنڊِي آھِيان، عُمَرَ آئُون اَڪاڄَ،
سُومَرا سَڪاڄَ، جَهلِ مَ بَندِ جِهڄَندِيُون.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 15 ]
سُومَرا سَڪاڄَ، جَهلِ مَ بَندِ جِهڄَندِيُون.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 15 ]
چِڪِي چِڪِئَمِ چاڪَ، وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جا،
واجهائِيندي وِصالَ کي، فَنا ڪِيَسِ فِراقَ،
سيئِي سارِئَمِ سُومَرا، ٿَرِ جَنِي جا ٿاڪَ،
مارُوءَ جي اوطاقَ، گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 14 ]