اُڪَنڊِئا جي سنڌي معنيٰ
سڪايل، تڙپيل.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who longing.
اُڪَنڊِئا جا بيتن ۾ حوالا
اَکِئان ميگهُہ مَلارُ، صُورَتَ تيڏِيءَ سَڀَ جَڳُ موھِيا،
سَجِدو فِيلَ فِي الحالِ ڪِئو، پَسِي مُطِلِبَ نُورُ نِراَڙَ،
ڄاپَڻَ وَقتِ وَرِيامَ جي، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ،
اُڪَنڊِئا جي اَبُرَ کي، سي سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
موڪَلَ ٿِي مِينھَن کي، دوسِتَ ھَٿان دِلِدارَ،
قادِرَ پاڻِ قَسَمُ ڪِئو، خاڪِ قَدَمَنِ جي ڪَلتارَ،
آھِين ڪَرَمَ ڪَرِيمَ جا، اَحمَدَ ساڻُ اَپارَ،
آگي آسِمانَ جو، ڪارِئو سَيرُ سَتارَ،
وَلَسَوۡفَ يُعۡطِيڪَ رَبُّڪَ فَتَرۡضَىٰ، توسين قادِرَ ڪِئا قَرارَ.
[ سُر سارنگ، وايون، 5 ]

لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]