اُوچو بابت
معنيٰ
اُتاهون، اعليٰ، بلند.
High, elevated, lofty, tall, raised, rich.
بيتن ۽ وائين ۾
- اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي جَبَلُ، مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- پَرَڏيھان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھُون، تُون اُوچو عَرشَنِ تي، آئُون ڀورو مَٿي ڀُون، ڪِيئَن تُسَندين تُون، سِرَ سُوالِي آھِيان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين، لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ، مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]
- مَٿي جَنھِن مَدارُ، کانڌِ تَنھِنجو تَڪِيو، پاڻَ اُوچو عادَتَ نِيچِي، سِينھان اِيءَ پَرِوارُ، ڪَرِ ڪيسَرِ جو جُھارُ، ڏِٺي جَنھِن ڏارَتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ، اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]