اُوچو جي سنڌي معنيٰ
اُتاهون، اعليٰ، بلند.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
High, elevated, lofty, tall, raised, rich.
اُوچو جا بيتن ۾ حوالا
اُوچو اُتاھُون گهَڻو، جِيئَڻَ کي جَبَلُ،
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 9 ]
مَرَڻَ مُون سين ھَلُ، تَہ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 9 ]
پَرَڏيھان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھُون،
تُون اُوچو عَرشَنِ تي، آئُون ڀورو مَٿي ڀُون،
ڪِيئَن تُسَندين تُون، سِرَ سُوالِي آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 2 ]
تُون اُوچو عَرشَنِ تي، آئُون ڀورو مَٿي ڀُون،
ڪِيئَن تُسَندين تُون، سِرَ سُوالِي آھِيان.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 2 ]
اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين،
لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 29 ]
لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 29 ]
مَٿي جَنھِن مَدارُ، کانڌِ تَنھِنجو تَڪِيو،
پاڻَ اُوچو عادَتَ نِيچِي، سِينھان اِيءَ پَرِوارُ،
ڪَرِ ڪيسَرِ جو جُھارُ، ڏِٺي جَنھِن ڏارَتِ لَھي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 1 ]
پاڻَ اُوچو عادَتَ نِيچِي، سِينھان اِيءَ پَرِوارُ،
ڪَرِ ڪيسَرِ جو جُھارُ، ڏِٺي جَنھِن ڏارَتِ لَھي.
[ سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، 1 ]
ڪو ڏِينھُن ڪِينجُهرَ ڪَنڌِيين، تُون تَماچِي تَڳُ،
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
اُوچو ٿِئومِ اَڳُ، مُون ڪَرُ مَلاحَنِ ۾.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 7 ]
English Meaning
High, elevated, lofty, tall, raised, rich.