اُميدَ بابت
معنيٰ
آس، آشا، آرزو، تمنا. توقع. آسرو، ڀَروسَو.
Hope, aim, wish.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾، جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو، ميڙو ٿِيندو…[ سُر سارنگ - وايون ]
- مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ، ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ، پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ، اوڏِي عَزازِيلَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ کي، سَندو ساجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا، جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان، قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾،…[ سُر آسا - وايون ]