اُميدَ جي سنڌي معنيٰ
آس، آشا، آرزو، تمنا. توقع. آسرو، ڀَروسَو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Hope, aim, wish.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
اُميدَ جا بيتن ۾ حوالا
مُنھِنجي سَيِّدُ سارَ لَھَندو، مُون کي آھي، اُميدَ اللهَ ۾،
جَڏھِن صُورَ ڌَڪاءُ ٿِيندو، سَڀَ اَکِيُون سِجُ ڪڍندو،
ميڙو ٿِيندو مُؤمِنين، اُتِ مُحَّمَدُ مِيرُ مَلَهَندو،
سَجِدي پَئي سُپِرِين، زارِي زورُ ڪَرِيندو،
اَحمَدُ ڪارَڻِ عاصِيينِ، اُتِ پَرمَلُ پاڪُ پِنَنَدو،
نَفسا نَفسِي سَڀَڪو ڪَري، اُتِ داتا ڏُونھِن ڊوڙَندو،
صِراطَ مَٿان سُپِرِين، اُتِ لالَڻُ لَنگهائِيندو،
مُھتُ ڏِيندُسِ مَولو، اُتِ بَدِيُون بَخشائيندو.
[ سُر سارنگ، وايون، 1 ]

مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ،
ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ،
پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ،
اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيجِ،
نااُميدِي نيجِ، تَہ اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 14 ]

نااُميدِي نُورُ، اُميدَ اوندَھِ اُنِ کي،
سَندو ساجَنَ سُورُ، جَنِ سَرِئو تَنِ سُکُ ٿِئو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 16 ]

جيڏِيُون آئُون ڪا پاڻَ وَھِيڻِي آھِيان، ڪا مُون سارَ لَھِيجا،
جيڏانھَن ھَلائِينِمِ سُپِرِين، پيرَ اوڏاھِين پايان،
قَلَمُ ڪاتِبَ ھَٿَ ۾، آئُون ڪا لِکِئي مان لِکَ لاھيان،
واڳَ ڌَڻِيَنِ ھَٿَ ۾، ڪيڏانھَن ڪَرَھَلُ ڪاھِيان.
سَدا سُپَيرِيَن لَئي ويٺِي ڪانگَ اُڏائِيان،
اِيندا عَبدِالْلَطِيفَ چئَي، آسَ اُميدَ نَہ لاھِيان.
[ سُر آسا، وايون، 4 ]