اُتان بابت
معنيٰ
اُنهيءَ جاءِ کان، اُنهيءَ هنڌان، اُتئون، اُتاهُون. مٿان.
From that place, from there.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَڙُھ پُڻ ڪيچَ ڌِڻِيَنِ کي، ڪَڙِ پُڻ پيرَ سَندانِ، اِنِهيءَ پَرِ اُتان، پُوندِينءَ مُنڌَ پَھاڙَ ۾.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڏُکِي ڏِکَ وِسارِ، سيڄَ ڦِٽِي ڪَرِ سَسُئِي، پَٽِيين پيرُ نِھارِ، تَہ آرِياڻِي اُتان لَھين.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ، اُتان عِلمَ ۽ حِلمَ جا، آڻِئو پَھَ پُورِينِ، لَڏِئو لامَڪانَ ۾، عِشِرَتَ سين…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- اُتان اوٺِي آيو، خَبَرَ اِيءَ کَرِي، وِسارِجِ مَ وَرَ کي، پَئُہ مَ مُنڌَ مَرِي، ويندِينءَ اُتِ وَرِي، ڪو ڏِينھُن آھِين…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ھِنَ مُندَ مارُو سَنِرا، کائُرِ ۾ خُوشِحالَ، سائُون سيارَڇُ مَکِڻِي، جيڏِيُون آڻِينِ جالَ، اُتان اوٺِي آيو، ڪَھِي مُون وَٽِ ڪالَهہ،…[ سُر مارئي - لوھ نير، مند مارُو ]
- سو مُون آهي سُومَرا، ورِهُه ويڙِهِيچَنِ، گولُو گولاڙَنِ جُون، پائُرِ ٿِيُون پَچَنِ، مَنَ اُتان ڪي اَچَنِ، مُون کي نِينِ مَلِيرَ…[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]