اَڪَ بابت
معنيٰ
ھڪ مشھور وَڻ جو نالو، جنھن جي ڳاني يا پن پٽڻ سان اڇو مواد نڪري، جيڪو سھڻا گلڙا پڻ ڪڍي ٿو.
The curled flowered gigantic swallow root Calotropis Procera.

بيتن ۽ وائين ۾
- چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿان اَڪَ نَہ اُلَهي، جَنھِن وَلَ گَهڻا وِھاٽِئا، اُنَ سين آرِ لَڳِياسِ، چَوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پوڄ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- مَرُ مَران مُون ڪَمُ، اَڪَمِي ڪامَ مَري، دوسِتَ پُڄاڻا دَمُ، رَھي سا رَنَ ٿِئي.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلارِئا، جُنگَنِ ڇڏِئو زورُ، سَرُ سُڪو سُونگِي گَيا.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- مُورَکَ مامَ نَہ ٻُجِهڻا، آڪا جيھا اَڪَ، پَڪا جي نَہ سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سين.[ سُر آسا - مجازي مام ]
- آمان ڀانيان اَڪَ، کَٻَڙَ کَٿُورِئان وِتَرا، ڪُٽِيان پَٽيان پيٽَ کي، ماکِيان مِٺِي مَڪَ، ڪوڪَڙُ ڪَوڍيرَنِ ۾، ڦوڪِيو ڀَرِيان ڦَڪَ، وَرُ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جِيئَن سي عُمَرَ سُومَرا، تو وَٽِ تُوتَ پَچَنِ، تِيئَن اَسان جي مُلڪَ ۾، جَهلِئا ڦُلَ اَڪَنِ، ميوا کان مُرٽَنِ، مُورِ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]
- جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتِ اَباڻَنِ اَڪَ، مُون جيڏِيُون مَليرَ ۾، ميڙيو اَچَنِ مَڪَ، ڍنگَهر وڏِي ڍَڪَ، جو وِلَهَہ جَهلَ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]