اَلِفُ بابت
معنيٰ
”عربڪ پرسو لکت واري الف ، بي“ جو پھريون اکر. اسلام ۾ ”الله“ جي معنيٰ ڏيکاريندڙ.
First letter of Arabic Perso alphabet. In Islam this is sign of Allah name. Alpha.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَني ۾ پيھِي تان تُون اَلِفُ نَہ اُجِهئو، ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي، خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ جو، مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان، چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، اَلِفُ اُھو ئِي آھِ، لاڳاپا لُڙاءِ، تَہ داخِلُ ٿِيين نَہ دالَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ اَلِفُ آھِين تُون، تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾، ناحَقِ نِھارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَيءِ.[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾، مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ، ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾، لا مَقصُود فِي الدارَينِ، اِنَ پَرِ اُتائُون، سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسَيلا رَحمانَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ، سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ، فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو، تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو، لَا…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي، باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ، ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]