اَلِفُ جي سنڌي معنيٰ
”عربڪ پرسو لکت واري الف ، بي“ جو پھريون اکر. اسلام ۾ ”الله“ جي معنيٰ ڏيکاريندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
First letter of Arabic Perso alphabet. In Islam this is sign of Allah name. Alpha.
اَلِفُ جا بيتن ۾ حوالا
پَني ۾ پيھِي تان تُون اَلِفُ نَہ اُجِهئو،
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي،
خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي ھِنَ ڪِتابَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 9 ]
ڳالِهہ پِريان جي ڳُجَهہ جِي، جيھِي نَہ تيھِي،
خَبَرَ تو ڪيھِي، قاضِي ھِنَ ڪِتابَ جِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 9 ]
پَڙِهئا پَڙيجاھُ، سَبَقُ اِنَهِينءَ سُورَ جو،
مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان،
چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 14 ]
مِيمُ رَکِجو مَنَ ۾، اَلِفُ تَنھِن اَڳِئان،
چِتان چوريجاھُ، اِھا لاتِ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 14 ]
جَو مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، اَلِفُ اُھو ئِي آھِ،
لاڳاپا لُڙاءِ، تَہ داخِلُ ٿِيين نَہ دالَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 27 ]
لاڳاپا لُڙاءِ، تَہ داخِلُ ٿِيين نَہ دالَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 27 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ اَلِفُ آھِين تُون،
تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 28 ]
تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 28 ]
سِٽَ سائِي سارِ، اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئي، وَرَقُ سوئِي وارِ،
ناحَقِ ڪِيمَ نِھارِ، پَنا ٻِئا پِرِيَنِ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 6 ]
نانگا نِنڊ نَہ ڪَنِ، لوچَنِ لاءِ پِرِيَنِ جي،
باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ،
ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،
چوري رَکِئو چِتَ ۾، اَلِفُ آديسِيَنِ،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، جيرا جوشَ جَلَنِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 18 ]
باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، ڀِنِيءَ ڀَڙِڪا ڪَنِ،
ھلو سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَنِ مَچَنِ،
چوري رَکِئو چِتَ ۾، اَلِفُ آديسِيَنِ،
اُنِ لاءِ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، جيرا جوشَ جَلَنِ.
[ سُر رامڪلي، وايون، 18 ]
اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ،
سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ اُنِ،
قُلۡ هُوَ ٱللَّهُ أَحَدٌ ، ٿا مَنجهان پِرتِ پَڙَهنِ،
سَعادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 1 ]

ثييَئُون ثابِتُ سَندِرو، جوڳِيَنِ کي جَڙِئو،
تَنِ حَرَفُ سُڃاڻِي ھيڪِڙو، مَنجهان پِرتِ پَڙِهئو،
لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، اَندَرِ اَلِفُ اڙِئو،
لَا مَقْصُوْدُ فِيْ الْدَاْرَينِ اِلَاھُوَ ، گَهٽَ ۾ گهاٽُ گهَڙِئو،
جَنِ کي مَنَ ۾ مُحِبُ مِڙِئو، سي گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 4 ]

سا سِٽَ نَہ سارِينِ اَلِفُ جَنھِن جي اَڳَ ۾،
ناحَقُ نِھارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 5 ]
ناحَقُ نِھارِينِ، پَنا ٻِئا پِرِينءَ لَيءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 5 ]
سا سِٽَ سارِئائُون، اَلِفُ جَنھِن جي اڳَ ۾،
لا مَقصُودُ فِي الدارَينِ ، اِنَ پَرِ اُتائُون،
سَڳَرُ سُوٺائُون، ٿِئا رَسِيلا رَحمانَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 7 ]