ايتِري بابت
معنيٰ
اِنهيءَ جيتري، انهيءَ قدر. هيتري انداز واري.
So many, so much. So very many.
بيتن ۽ وائين ۾
- ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ، توکي آرَسُ اَکِيُنِ ۾، پاتا پاڙي وارِيين پَڳَھَ ۾ پاتارَ، پَتَڻُ ٿو پُورَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- جَکِرو جُسَ کَرو، ٻِئا سَڀَ اَنِيراءِ، جِئائِين گهَڙِئو جَکِرو، تِئان نَہ ڪِي ٻِئا، مِٽِي اِنَ ماڳان، اَصلِ ھُئِي ايتِري.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ، سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڪِي سُمُهہ ڪِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، سيڻَنِ جو سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]