ھِدايَتَ بابت
معنيٰ
رهنمائي، سونھپ، سنئين واٽ، پيشوائي، رهبري، سنئون رستو، صحيح راھ، اڳواڻي. نصيحت، فھمائش، سمجهاڻي، تاڪيد.
Guidance, teaching, instruction, path, do and don't.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُڻِي ويڻُ ڪَنَنِ سين، وَرائيجِ مَ وَرِي، ھادِيءَ جي ھِدايَتَ جِي، آھي اِيءَ ڳَرِي، تَنِ سَڄِي ساھِسَرِي، جَنِي مارِئو نَفسُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران، چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران، اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس…[ سُر ڪيڏارو - ڪامل ڪربلا ۾ ]
- ڪَؤُئا ڪان ڪان ڪَندا، وِھاڻِيءَ وَڻَنِ ۾، مُون ڏِٺا مُون وِسَھو اَڳي پِيڇي اَنڌا، اَچِي عَدالَتَ ۾، ويھِي وِٺِ وِجَهندا،…[ سُر پورب - وايون ]
- ڪَسَنِ ۾ ڪوھُ ڦِرين، گَسَنِ ۾ مَ گُذارِ، وَڃِي وَحَدَتَ وِيءَ ۾، گُونُون ڇَڏي گهارِ، شَرِيعَتَ جو سَرُ لَهِي، تَنُ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]