گَهنگهَرُ بابت
معنيٰ
مونجهارو، لُڙ، گڙٻڙ، گهمسان، دقت، پريشاني، هلاکي، اهنج، تڪليف، مشڪل، مصيبت. بيقراري، غم، ارمان، ڏک، ڳڻتي، سانگو، اونَ، اوسيڙو. سُڃَ، ڀينگ.
Confusion, trouble, difficulty, anxiety. Restlessness, sorrow, longing, worry.
بيتن ۽ وائين ۾
- ريءَ اَعرابِيَنِ ھِتِ، گَهنگهَرُ گهارَڻُ مُون پِئو، بَڪَتَ الۡعَینَینِ بما ھُوَ قَدَما ، پُڄان ساڻُ پِرتِ، مَنُ اَکِيُون تَنُ تِتِ،…[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]
- ھِڪُ جَي نَہ ڄاياسِ، ٻِئو ڄاپَندي جَي مَران، گَهنگهَرُ گهَڻو ٿِياسِ، ڄاپِي مارُوئَڙَنِ کي.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَئِجِ جورِ هَڻِي جانا، پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪَرايُنِ ڪانا، آن ريءَ اَمانا گَهنگهَرُ گهارِيان ڏِينھَڙا.[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]