گهَران بابت
معنيٰ
گهر کان، مڪان کان، وستيءَ کان
from house, by home
بيتن ۽ وائين ۾
- تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو، چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن، دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ، وِرِچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- اَڳي اِنَ تَڙانُ، ويندِيَ مُون وَرِھَ ٿِئا، قَضا آندِيَسِ ڪُنَ ۾، گهُرائي گهَران، پُنا جَڏھِن پَرِئان تَڏِھِين تانگهوئِي تارِ ٿئو.[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- پَرَ گهَران پاسو ڪَري، پُڇُ پِريان ڪَرَ پاڻُ، سو تان تَوِھِين ساڻُ، جَنھِن لَئي جَفائُون ڪَرِيين.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- پِنَنِ ڪِينَ پَٽُ کَڻِي، گُهرَنِ ڪِينَ گهَران، مَھيسِي مَخلُوقَ جي، اُڀِيَنِ دُورِ دَران، پُڇَنِ توءِ شَرَعَ، جَي عَدالَتَ اُنِ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- سامِي چَئجي تَنھِن کي، جَنھِن سَڀَنِئان سَري، پَرَ گهَرِ وَڃي ڪِينَڪِي، گهَران ڪِينَ گهُري، پُٺِيءَ پيرَ پُري، حَقِيقَتَ ھادِيءَ جي.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- صُلِحُ ڪَرِ سُلطانَ سين، ڪَڍِي گَهلِ گهَران، تَہ تُون تَھِين داران، ڏِھاڻِي ڏارَ لَھين.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]