ڪِينجُهرُ بابت
معنيٰ
ٺٽي ضلعي ۾ هڪ مشھور مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ جو نالو. جيڪا ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي قصي سبب مشھور آهي.
Keenjhar Lake is located in Thatta District of Sindh the province of Pakistan. It is situated about 36 kilometres from the city of Thatta.

بيتن ۽ وائين ۾
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، ڪَنڌِيءَ ڪَؤُنرَ ٽِڙَنِ، واھُوندا وَرَنِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھِ، اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ، لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- پَکا پَکارِئو، تَڙِ تَماچِي آيو، گُوندَرَ لاھِيو گَندَرِيُون، آتَڻ اُجارِئو، مَڪُڙِيُون سين موتِيين، سَهجا سِينگارِئو، ڪِينجُهرُ قرارِئو، سَمي سامَ بَخشِي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- آيو ڄامُ ڄُلِي، مَنَھِن مَلاحَنِ جي، عَطُرَ ۽ عَنبِيرَ جِي، اَچِي ڇولَ ڇُلِي، ڪِينجُهرُ سَڀَ ڪُلِي، اُنِ کي انعامِي ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- پَکَي جاڳوٽِيَنِ جي، اُڀو ڄامُ ڄُلي، مُھُ مُھُ پييُون مَسندُون، جُهڳَنِ پاسِ جُهلي، ڪِينجُهرُ سَڀَ کِلي، تَنِ اُگهاڙَنِ اِنعامُ ٿِئو.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- ھَنجَنِ سَندِيءَ ھيرَ، مُون ڪِينجُهرُ سَڀَ نِھارِئو، سَرَ ۾ پَکِي ڍيرَ، پِريان پارين ناھِ ڪو.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]