ڪُنو بابت
معنيٰ
رڌ پچاءَ جي ڪم ايندڙ ٺڪر جو ديڳڙو، ديڳرو. ڏڌ ولوڙڻ لاءِ چاڏو، گهڙو، دِلو، ماٽو.
A kind of earthen vessel or pot used sometimes for churning in.

بيتن ۽ وائين ۾
- ساھَڙُ سُڪي ۾ ٿِئو، پاڻِيءَ ۾ پُنُون، سَندو ڪَچَ ڪُنو، تَرِي تَرَندو ڪيتِرو.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- جوڳِيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِينھَن جو، پَتَنگَ جِيئَن پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ، آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِنِ ڪَڪورِئو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- آکُون ڊاکُون سِرکَنڊَ شاخُون، جِتِ چوکا چَندَنَ کوڙَ، مَيي سيئِي ماڻِئا، جِتِ نَہ ڀِرَنِ ڀَونرَ، ڪُنوارِيُون ۽ ڪَونئُرَ، ڪاھِ تَہ…[ سُر راڻو - موٽ ۽ پرچ راڻا ]