ڪَڪَرُ بابت
معنيٰ
بادل، ميگهہ، ڪَسُ، ابَرُ، ملهار. ڇانوَ، سايو، پاڇو، ڇانولو، پاڇولو.
A cloud.

بيتن ۽ وائين ۾
- ٻَھَرِ ڪَڪَرُ نَڪو، اَندَرِ جُهڙُ جهورَ وَھي، وَسائِيندِي وِڄُڙي، حُبَ جَھِين کي ھوءِ، لالَڻُ جَنِي لوءِ، تَنِ اوڪاڻِيُون نَہ اَکِيُون.[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي، ڏيئِي لِکَ لاڙِي، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي اَتِ، پاري پَنھِنجي پَتِ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي اَڳَ، جوڙي وِچان جَڳَ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڍولي ڍَڪِي آھِيان، ھُيَسِ اُگهاڙِي آنءُ، پَنھِنجو رَکِي نانءُ، ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- ڪَڪَرُ ڪِيائِينمِ ڪاڪِ جو، ڏيئِي لاڙِيءَ لِکَ، ھاڻي مَٿي ڏِکَ، چَرِھئو ٿِي چاڳَ ڪَرِيان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]