ڪَنگَنِ بابت
معنيٰ
ٻَگن، ٻَگهہ پکين، ٻَگهلن.
Water-fowls, cranes, herons.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪالوڻِئو ڪَنگَنِ، اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تَنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- اَڇو پِئو اَڇاھُ، تَہ اَڇا ئِيءَ اُبَھو، وِھَڻُ وَڙُ نَہ آنھِنجو، لُڙَ پاسي لَلاھُ، سُسَرِ ڏِجي ساھُ، ڪُسَرِ ڪَنگَنِ قَبَرُون.[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ڪُسَرَ ڪَنگَنِ قَبَرُون، سُسَرُ ساڱاھيجِ، ھَنجَ ھُتي جِي ڳالِهڙِي، ٻَگهَنِ سين مَ ٻوليجِ، ماڙي تُون مَريجِ، چَئِجِ مَ ڪَنھِين چُنجَ…[ سُر ڪارايل - اڇو آب ]
- ھارِئا ھَنجَ ٻَگهَنِ سين، ڪِھَڙِي ٻَڌين ٻيلَ، ميرو مَٽائي تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيلَ، ڪَنگَنِ سين ڪويلَ، لَلا جِمَ لُڙُ پِيين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- ويٺو جِيئَن وِماسِيين، حَيرَتَ پَئُہ مَ ھاڻِ، لَلَنِ کي لَطِيفُ چئَي، اَڇي ساڻُ اَراڻِ، ڪَنگَنِ لَٿِي ڪاڻِ، گَڏِئو ھَنجُ حَبِيبَ…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]