ڪَنِيزَڪَ بابت
معنيٰ
ٻانهي، نوڪرياڻي، باندي، پورهيت، ٻوهاريدار، گولي، غلام ڇوڪري، داسي، ڪنيز، خادم، خدمتگارڻ. حَرم، سُريتِ.
Maid, girl servent, house maid.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڀَلو جيڏِيُون، ھوتَ بَلوچي جِي آھِيان، آئُون آھِيان جيڏِيُون. ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ناتَرِ نانءُ سَڏايان، پَيزارَ پُنهونءَ جِي، اَکِيُنِ سين…[ سُر ديسي - وايون ]
- ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي، مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻاروچي ٻانِهي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جٖي جِيءَ اَندَرِ جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]