ڪوجهو بابت
معنيٰ
بي ڊؤلو، بدشڪل، بدصورت، گول مول. خراب، گدلو، ميرو. ڪمترين، گهٽ.
Ugly, dirty, inferior, mean, bad.
بيتن ۽ وائين ۾
- خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئائُون ڪِيني کي قَتَلامُ، ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجهو ڪَنِ نَہ ڪامُ، آئِي اُنَ جي بابَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، ڪِنُو ٿِي ڪوجهو، ڇَڏي نَہ موزو، لَڳِيَسِ آرِ عَطارَ سين.[ سُر بلاول - وڳند ]
- سُونھَن وِڃايَمِ سُومَرا، ڪوجهو ٿئمِ ڪَمالُ، وَڃان ڪِيئَن وَطَنَ ڏي، ھِھَڙو وَٺِي حالُ، جَي مُون ڏيِين جَمالُ، تَہ پَسان مُنھُن…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- چِيري چِيري چَمُ، لُوڻُ لِڱَنِ لائِيين، مُون ڪُرَ اَڳي نَہ ڪِئو، اِهَڙو ڪوجهو ڪَمُ، جانۡ جانۡ دَعويٰ دَمُ، تانۡ تانۡ…[ سُر مارئي - جيھا جي تيھا ]