ڪانگُ بابت
معنيٰ
ڪَانگُ. پکيءَ جو قسم، ڪانءُ، ڪانگڙو، کيانتو، زاغُ، ڪانگل، ڪانگو، لِڪو، ڪاڳڙو.
A crow.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون، ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ، تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون، اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي، وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين، ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ. تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي…[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ، آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ، ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن، حالُ جَنھِن جو ھِينئَن،…[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جَو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي، ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ، جَنھِن جِي…[ سُر پورب - ڪانگ ]