ڪانگُ جي سنڌي معنيٰ
ڪَانگُ. پکيءَ جو قسم، ڪانءُ، ڪانگڙو، کيانتو، زاغُ، ڪانگل، ڪانگو، لِڪو، ڪاڳڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A crow.
ڪانگُ جا بيتن ۾ حوالا
چَمَڪِيُون چوڌارَ، ڌَڄِيُون ڌاڙيچَنِ جُون،
ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 7 ]
ماءُ سامُونڊِي آيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،
تَنِي جي تَنوارَ، ڪالَهُون پوءِ ڪانگُ ڪَري.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 7 ]
وِئو ڪانگُ ڪَھِي واڌايُون وِصالَ جُون،
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
اِجهي سَڄَڻَ آيا، ڏاڍي ٺاھِ ٺَھِي،
وِپَتَ سَڀَ وَئِي، سيڻَ سَلامَتَ آيا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 17 ]
سِڪَ سِڪَندِيَنِ لاءِ، وِڇوڙِئا ميڙِ پِرِين،
ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 10 ]
ايڏِي سَگَهہ سَچا ڌَڻِي، تو ھِي کي جُڳاءِ.
تَنُ جَنِي جو طالِبُو، مِھرَ تَنِي کي پاءِ،
ميڙائي جو ماءُ، ڪانگُ لَوَندو ڪَڏِھِين.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 10 ]
ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ،
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
ڪانگُ قاصِدُ ڪِيئَن، جو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي،
پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن،
حالُ جَنھِن جو ھِينئَن، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 36 ]
پھرِين ڪَري پيٽَ جِي، پوءِ وَڃِي سيَڻنِ سِيئَن،
حالُ جَنھِن جو ھِينئَن، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 36 ]
ڪانگُ مَ قاصِدُ ڪَرِ، جَو سَدا ڍُونڍي ڍُونڍَ کي،
ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ،
جَنھِن جِي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 37 ]
ڪِ ڪَندو پَنھِنجي پيٽَ جِي، ڪِ ويندو دوسِتَنِ دَرِ،
جَنھِن جِي ٻولِيائِي ٻَر ٻَر، سو نِياپا نيئِي رَھِئو؟
[ سُر پورب، ڪانگ، 37 ]
English Meaning
A crow.