ڪانگَنِ جي سنڌي معنيٰ
ڪانوَن، ڪانگلن
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Crows,
ڪانگَنِ جا بيتن ۾ حوالا
مُون کي لَڳَڙِي آھِ لَغارَ، وو يارَ لُنءَ لُنءَ ۾ لالَڻَ جِي،
ميخُون مَحَبتَ سَندِيُون، ھِينئَڙي مَنجِهہ ھَزارَ،
جَڙَ جَنِي جِي جانِ ۾، لَڳِي رءَ لُهارَ،
لَڳِي آھي نَہ لَھي سَندِي پِيَ پَچارَ،
کُوءِ سي جِيئَڻَ ڏِينھَڙا، جي نِي پِرِينَئُون ڌارَ،
ڪانگَنِ قَطارُون ڪِيُون، چُڪِيءَ کي چوڌارَ،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، سَنجهي ٿِئَڙا سُوارَ،
گهَڻو اُڪَنڊِي آھِيان، تَنِ جَتَنِ جي جِنسارَ،
جيڪي اورَڻُ پِرِينءَ سين، جيڪي پِرِينءَ پَچارَ،
گَڏِي ويندِيَسِ گَسَ ۾، ڪاڪِيُون ساڻُ قَطارَ،
آئُون نِماڻِي نِڪَڻِي، دَمِج تُون دِلِدارَ.
[ سُر ديسي، وايون، 10 ]

ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾،
اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 24 ]
اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 24 ]
اُڀِرَندي سِجِ، پِرِين جٖي نَہ پَسَندِيُون،
ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 1 ]
ٻيئِي ڪَڍِي ڏِجِ، اَکڙِيُون ڪانگَنِ کي.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 1 ]
اَکڙِيُون پِرِيَنِ ري، جٖي ڪِي ٻِئو پَسَنِ،
ڪَڍِي کي ڪانگَنِ، نيوالا نيڻَ ڏِيان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 3 ]
ڪَڍِي کي ڪانگَنِ، نيوالا نيڻَ ڏِيان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 3 ]
English Meaning
Crows,