ڪانگا جي سنڌي معنيٰ
ڪَانگُ. پکيءَ جو قسم، ڪانءُ، ڪانگڙو، کيانتو، زاغُ، ڪانگل، ڪانگو، لِڪو، ڪاڳڙو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A crow. The hair of the back part of head above the kiari.
ڪانگا جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ،
جَنِ ڏُورِ چِتايو ڏيھُ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 5 ]
جَنِ ڏُورِ چِتايو ڏيھُ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 5 ]
وَھلو وانءُ وَرُ وَرِئا پِرِين، آءُ ڪانگا لَنئُن لاتِ،
وِئا جٖي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 6 ]
وِئا جٖي قَلاتِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 6 ]
پِرِين جٖي پَرَديسَ ۾، تَنِ جِي ڪانگا ڪَرِ خَبَرَ،
سَڀَ مَڙاھِئان سونَ سين، پَکِي تُنھِنجا پَرَ،
گُهمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 8 ]
سَڀَ مَڙاھِئان سونَ سين، پَکِي تُنھِنجا پَرَ،
گُهمِي مَٿان گهَرَ، ڏِجِ پارانڀا پِرِينءَ کي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 8 ]
آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون،
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]
چَڱا ڀَلا مُون پِرِين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،
پِرِيَنِ لَيءِ پَرَڏيھُ، مُون تان گهَڻو نِھارِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 9 ]
ڪَڍِي ڪانگا تو ڏِيان، ھِنيُون ساڻُ ھَٿَنِ،
وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ،
پِرِين مانَ چَوَنِ، تَہ ھِيئَن قُربانِي ڪيرَ ٿِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 21 ]
وَڃِي کاءُ وِلاتَ ۾، اَڳِيان عَجِيبَنِ،
پِرِين مانَ چَوَنِ، تَہ ھِيئَن قُربانِي ڪيرَ ٿِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 21 ]
ھُئَين وَسِيلو وِچَ ۾، ڪانگا پارِيَئِي ڪانَہ،
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
اُتَئِي ڪِينَ عَجِيبَ کي، ظاھِرُ ساڻُ زَبانَ،
توڙِ پھتين تان نَہ، اورِيائِين آڻِئو ڏيِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 25 ]
آءُ ڪانگا تو ڏِيان، چِٺِي چورائي،
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]
سا وَڃِي ڏي مَحبُوبَ کي، لوڪان لِڪائَي،
پِرِين پَڙَهائي، مانَ سُڌِ لَھَنِ سُورَ جِي.
[ سُر پورب، ڪانگ، 28 ]
آءُ ڪانگا ٻَھُ ڪولِ، سُڌِيُو ڏي ساڻيھَ جُون،
جي آندَئِي عَجِيبَنِ جا، سي خَطَ خُوشِيءَ مان کولِ،
آئُون سُڻان تُون ٻولِ، سَنِيھو سَڄَڻَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 29 ]
جي آندَئِي عَجِيبَنِ جا، سي خَطَ خُوشِيءَ مان کولِ،
آئُون سُڻان تُون ٻولِ، سَنِيھو سَڄَڻَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 29 ]
ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ،
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
English Meaning
A crow. The hair of the back part of head above the kiari.