ڪانگَلَ جي سنڌي معنيٰ
ڪانگ، ڪانءُ، خابرو، قاصد، پيغام پهچائيندڙ. ڪانگ لاءِ پريت يا آر انگل جو مٺو نالو. ڪانگڙا (ڪانگ جو اسم تصغير.) ڪانوَ لاءِ پيار ۾ سڏيل نالو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A crow. The hair of the back part of head above the kiari.
ڪانگَلَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪانگَلَ سيئِي ڪوٺِ، پِرِين جٖي پَرَڏيھِ وِئا،
جَنِي ريءَ جَھانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ ڳارانجهو ڳوٺِ،
جٖي ڏَمَرِئا ڪَنھِن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 7 ]
جَنِي ريءَ جَھانَ ۾، اَکَڙِيُنِ اَروٺِ،
لِلهِ لَڳِ لَطِيفُ چئَي، ڪِجِ ڳارانجهو ڳوٺِ،
جٖي ڏَمَرِئا ڪَنھِن ڏوٺِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.
[ سُر پورب، ڪانگ، 7 ]
ڪَرُ کَڻِئو ڪانگُ لَنئي، مُنِيءَ تي مَضبُوطُ،
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
آڻِئو ڏي آتَڻَ ۾، سَنِيھا ثابُوتُ،
ڪانگَلَ اَٿُون قُوتُ، پَيغامَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 10 ]
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، ڏي واڌائِيءَ ويڻَ،
ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ،
ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 18 ]
ڏِٺاسُون ڏِينھِن گهڻين، ڪَنھِن سَبَبان سيڻَ،
ھُئا نيرانا نيڻَ، پَسِي پِيَ پُرِ ٿِئا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 18 ]
ڪانگَلَ ڪوھُ ٿِئوءِ، پِيو آھِين پَٽَ ۾،
اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 24 ]
اَڳي اُسَ تِڙڪو نَہ سَھِين، اَڄُ سارو ڏِينھُن سَٺوءِ،
پَسِي حالُ سَندوءِ، ڪانگَنِ ڪانگيرو ڪِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 24 ]
ڪانگَلَ قاصِدَ پِرِيَنِ جا، اَڱَڻِ آيو ٽِلُ،
بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،
زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو کِلُ،
غُراۡبُ نَہ غافِلُ، جَنھِن تَنا تُنڪا لايا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 33 ]
بِيائيد بِنِشِينيدِ ، مُحِبَ مُون کي مِلُ،
زاغُ گُفتِ فَھمِيدَم ، خُوشِحالُ ويٺو کِلُ،
غُراۡبُ نَہ غافِلُ، جَنھِن تَنا تُنڪا لايا.
[ سُر پورب، ڪانگ، 33 ]
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ،
تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ،
اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ،
توکي پَسِي تَنُ، سُورنئِوُن صافُ ٿِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 19 ]