ڍَٽُ بابت
معنيٰ
ٿَر جي هڪ حصي جو نالو. وارياسو ڀاڱو، بَرپَٽ، ريگستان.
The desret, an area having desert.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ، پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ، لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ، چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ، سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي ٿِي قِيامَ، ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ، مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]