ڍَٽُ جي سنڌي معنيٰ
ٿَر جي هڪ حصي جو نالو. وارياسو ڀاڱو، بَرپَٽ، ريگستان.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The desret, an area having desert.
ڍَٽُ جا بيتن ۾ حوالا
تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
راڻو رَبُ راضِي ڪَري، مانَ وَرائي واڳَ،
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ،
سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 6 ]
چَندَنَ سين چِڪَ ڪِئو، مُومَلَ لِنبي ماڳَ،
سوڍي جي سُھاڳَ، ڍَٽُ مِڙيوئِي ڍَڪِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 6 ]
راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، ڪارِي ٿِي قِيامَ،
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
ڍاٽِيءَ ڍَٽُ چِتايو، ڪَرَھي ھَڻِي ڪامَ،
مارِيَسِ تَنھِن مامَ، جا ڪامِلُ ڪالَهہ ڪَري وِئو.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 26 ]
English Meaning
The desret, an area having desert.