چَنۡگُ بابت
معنيٰ
ساز جو هڪ قسم. وات سان وڄائڻ جو هڪ ساز. ڍَڳن وغيرہ کي ساج لاءِ ٻڌل هڪ قسم جو پتل جو چَڙهو يا ساز.
A kind of musical instrument like a fiddle. The Jew’s harp.
بيتن ۽ وائين ۾
- چارَڻَ چَنۡگُ ٻَنگُ لَھِي، وَڄايو وَڏاڻُ، سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پَرَ مَڱَڻَھارُ مَٿي وَھي.[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- چارَڻُ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، رَمِي آيو راتِ، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتِ، وَڃِي ڀانَ ڀُڻڪِئو، جِتي جاجِڪَ نَہ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا، تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- ماڙِيءَ ھيٺان مَلُوڪَ جي، چارَڻَ چورِئو چَنۡگُ، مِرُون پِئا اُتِ مامِري، ريڌا پَسِي رَنگُ، ٻِيجَلَ لَڌو ٻَنگُ، راجا تي راضِي…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ، نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ، گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ، راوَلُ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]