چَرَکو بابت
معنيٰ
چرخو، ائٽ، سُٽ ڪتڻ جو. وڏو نارُ. .
A spinning wheel, a large water wheel worked by a camel or two bullocks. Spinner.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَمَڙِ کَڻُ وِچان، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري، مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان، ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- چَرَکو چَندَنَ عاجَ جو، روئِي ڪِئَڙُمِ رَتُ، آيَلِ کَڻُ اَرِٽُ، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪَتندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ، آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- چَرَکو چوري ھَٿِ ڪَرِ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي، ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چَرَکو پَنھِنجي چِتَ ۾، ڀَيءَ ڀيرِيو جَنِ، توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ بِہ ڪانڌُ اُنِ جو ڪوڏِئو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- چَرَکو ڏي نَہ چَسَ، ڀيرِيان ڀيرِئو نَہ ڀِري، مُون کي ماري مَسَ، ڪَتائِيندِيُون ڪيتِرو.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]