چَرَکو جي سنڌي معنيٰ
چرخو، ائٽ، سُٽ ڪتڻ جو. وڏو نارُ. .
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A spinning wheel, a large water wheel worked by a camel or two bullocks. Spinner.
چَرَکو جا بيتن ۾ حوالا
اَمَڙِ کَڻُ وِچان، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري،
مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 7 ]
مَڇُڻ ھوتُ ھِنيان، مُون ڀيرِيندِيءَ وِسِري.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 7 ]
اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان،
ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 8 ]
ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 8 ]
آتَڻِ چَونِمِ ڪَتُ، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري،
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 12 ]
پاڻان روئِي رَتُ، چَرَکو مُون چِڪ ڪِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 12 ]
چَرَکو چَندَنَ عاجَ جو، روئِي ڪِئَڙُمِ رَتُ،
آيَلِ کَڻُ اَرِٽُ، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪَتندِيُون.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 13 ]
آيَلِ کَڻُ اَرِٽُ، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪَتندِيُون.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 13 ]
اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين،
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ،
آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي ھِڪِڙِي.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 14 ]
چَرَکو چوري ھَٿِ ڪَرِ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي،
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
چَرَکو پَنھِنجي چِتَ ۾، ڀَيءَ ڀيرِيو جَنِ،
توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ بِہ ڪانڌُ اُنِ جو ڪوڏِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 26 ]
توڻي ڪِينَ ڪَتَنِ، تَہ بِہ ڪانڌُ اُنِ جو ڪوڏِئو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 26 ]
چَرَکو ڏي نَہ چَسَ، ڀيرِيان ڀيرِئو نَہ ڀِري،
مُون کي ماري مَسَ، ڪَتائِيندِيُون ڪيتِرو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 41 ]
مُون کي ماري مَسَ، ڪَتائِيندِيُون ڪيتِرو.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 41 ]
English Meaning
A spinning wheel, a large water wheel worked by a camel or two bullocks. Spinner.